سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو

سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو

سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو

سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو: هي ادارو شروعات ۾ ’ويسٽ پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ‘ جي نالي سان ڪم ڪندو هو ۽ ان جي ريجنل آفيس حيدرآباد ۾ هئي، پر پوءِ جڏهن ون يونٽ ٽُٽو ۽ صوبا بحال ٿيا، تڏهن هر صوبي جا بورڊ جدا ٿيا. اهڙيءَ ريت 1971ع کان هي بورڊ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي نالي سان ڄام شوري ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. هن بورڊ جو پهريون چيئرمئن ڊاڪٽر نبي بخش قاضي هو. ان کان پوءِ سيد غلام مصطفيٰ شاهه، ڊاڪٽر اسد الله شاهه حسيني، علي محمد راهو، پروفيسر اڪرم انصاري، مُراد علي خان نظاماڻي، غلام رسول کوکر، ڊاڪٽر محمد صالح گوپانگ، حميد سنڌي، پروفيسر مشتاق سندراڻي، ڊاڪٽر شريف ميمڻ، پروفيسر عزيز مهراڻوي، پروفيسر عبدالسلام خواجه، رفيق احمد ٻرڙوچيئرمئن جي عهدي تي رهي چڪا آهن.
هن بورڊ جو مقصد سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ پهرئين کان ٻارهين ڪلاس تائين درسي ڪتاب شايع ڪرڻ آهي. سنڌي، اردو ۽ انگريزي مضمون کانسواءِ اسلاميات، عربي، رياضي، جاگرافي، سوشل اسٽڊي، فزڪس، ڪيمسٽري، بائلاجي ۽ پاڪستان اسٽڊيز جا ڪتاب شايع ڪيا وڃن ٿا. هن وقت حڪومت طرفان اسڪولن ۾ مفت ڪتاب شاگردن کي ڏنا وڃن ٿا. هن بورڊ کي، درسي ڪتاب جو سليبس، مرڪزي سرڪار کان ملندو آهي. جنهن تي بورڊ جو چيئرمئن مختلف سبجيڪٽن جي ماهرن جو پينل مقرر ڪندو آهي. جن کان ڪتاب لکرايا ويندا آهن. ڪتابن ۾ ٻوليءَ وغيره جي درستيءَ لاءِ رويو ڪاميٽي به مقرر ڪئي ويندي آهي. هن اداري وٽ جديد مشينن واري پنهنجي پريس آهي، جنهن ۾ ڪتابن جي ڇپائي ڪئي ويندي آهي، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاڻ وٽ پبلشرن کي رجسٽرڊ ڪندو آهي. پوءِ انهن جي تجربي مطابق معياري ڪتاب ڇپرائڻ ۽ وڪرو ڪرڻ لاءِ Allocation ڪندو آهي. انهن کان رائلٽي به وٺندو آهي، جنهن تي بورڊ جو ڪاروهنوار هلندو آهي. هي سيلف ارننگ ادارو آهي، جنهن کي گورنمنٽ طرفان ڪا به گرانٽ نه ملندي آهي.
هن اداري جي ڪنٽرولنگ اٿارٽي، سيڪريٽري ايجوڪيشن هوندو آهي. هن اداري جي چيئرمئن جي مقرري، وڏي وزير جي منظوريءَ سان ٿيندي آهي ۽ سيڪريٽريءَ جي مقرري تعليم کاتو ڪندو آهي ۽ بورڊ آف گورنرس وڏي وزير جي مشوري سان تعليم کاتو ئي مقرر ڪندو آهي. هن اداري ۾ مختلف شعبا قائم آهن، جن ۾ انتظامي شعبو، اڪائونٽس شعبو، آڊٽ شعبو، سبجيڪٽ اسپيشلسٽ پبليڪشن، پروڊڪشن، اڪيڊمڪ سيڪشن، لائبريري، اسٽور سيڪشن، پيپر سيڪشن وغيره شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو